نظر علي فقير زنگيجو

نظر علي فقير زنگيجو: فقير نظر علي زنگيجو، روحل فقير جي فرزند خدا بخش فقير جو ٻيو نمبر فرزند هو، 1225هه/1810ع ۾ ڪنڊڙيءَ ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. سندس والد جي وفات بعد تصوف جي راهه ۾ سندس چاچي دريا خان زنگيجي سندس رهنمائي ڪئي ۽ هن سندس هٿ تي بيعت ڪئي. فقير نظر علي سنڌي، سرائيڪي ۽ هنديءَ جو سٺو شاعر هو. سندس ڪلام قلمي صورت ۾ ملي ٿو. هن 1265هه/1849ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام نياز همايونيءَ ڪتاب ’دريا خان جو ڪلام‘ (آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه) ۾ ڏنو آهي. نظر علي فقير زنگيجي جي ڪافيءَ جا ڪجهه بند ڏجن ٿا، جيڪي ڀڳت ڪنورام پڻ ڳايا آهن. جن لاءِ ٿي جاڳان، اُهي شال ايندا، مبارڪ مڙيئي ڏسڻ سان ڏيندا. وڏا وير وحدت جا وارث وسيلا، مٿي مهر مولا، رضا ۾ رسيلا، وڏي قرب ڪامل ڇنيون نه ڇڏيندا. نظر علي نهايت سندو ناز نيڻن، هجن جي هميشھ سدا ساز سيڻن ڊٺي دل کي جاني اچڻ سان اڏيندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو